علم الاخلاق عرف اسلامي اخلاقي

علم الاخلاق عرف اسلامي اخلاقي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب محمد بن محمد ابو حامد غزاليءَ جي ڪتاب ‘الاربعين’ جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي آهي. هن ڪتاب جو ديباچو سيد علي اڪبر شاهه لکيو آهي. جڏهن ته تمهيد شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ زڪوات، صدقي، خيرات، ظاهري عملن، حلال، حرام، توبهه ۽ خوف بابت معلومات ڏنل آهي.
315 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، سيپٽمبر 1957ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي، جنهن جي قيمت پنج روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو